توهان يقينن بالي ووڊ اداڪارن لاءِ ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا معاوضو وٺڻ بابت ته ٻڌو هوندو پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته هالي ووڊ جا ڪيئي اداڪار اهڙا آهن جيڪي فلم ۾ ڪجهه منٽن جي اداڪاريءَ لاءِ لکين ڊالر معاوضو طلب ڪندا آهن؟
مثال طور هالي ووڊ سپر اسٽار ٽام ڪروز کي سندس فلم ” دي مشن امپاسيبل دي فائنل ريڪننگ“ لاءِ 100 کان 120 ملين ڊالر معاضو ڏنو ويو هو.
ان معاوضي جو ڪاٿو جيڪڏهن فلم ۾ ٽاپ ڪروز جي اسڪرين ٽائيم مان لڳائجي ته اداڪار هڪ منٽ جو معاضو ڏهه لک ڊالر ورتو.
اهڙي ريت هالي ووڊ اداڪار رابرٽ ڊوني جونيئر کي پنهنجي ايندڙ ٻن فلمن لاءِ سٺ منٽن کان به گهٽ اسڪرين ٽائيم لاءِ سي ملين ڊالر معاوضو ملندو، جڏهن ته ڊوائن جانسن جي هڪ ڪلاڪ جي اسڪرين ٽاپ جو معاوضو اسي کان سئو ملين ڊالر آهي.
پر ڇا توهان کي خبر آهي هالي ووڊ ۾ هڪ اهڙو اداڪار پڻ آهي جنهن جي هڪ منٽ جو معاوضو ڏهه يا ويهه نه پر هڪ ڪروڙ ڊالر آهي؟
جي ها سچ پچ هالي ووڊ اداڪار جوني ڊيپ جي هڪ منٽ جو معاوضو هڪ ڪروڙ ڊالر آهي.
جوني ڊيپ هالي جي جڳ مشهور فلم پائريٽس آف دي ڪيئريبين ۾ پنهنجي ڪردار سبب سموري دنيا ۾ شهرت ماڻي.
سپٽيمبر 2008ع ۾ جوني ڊيپ هدايتڪار ٽِم برٽن جي فلم ” ايلس ان ونڊر لينڊ“ ۾ جوهر ڏيکاريا، جوني ڊيپ کي هدايتڪار ٽم برٽن جو ويجهو دوست پڻ سمجهيو ويندو آهي.
108 منٽن تي ٻڌل ان فلم ۾ جوني ڊيپ ميڊ هيٽر نالي شخص جو ڪردار ادا ڪيو هو، حقيقت ۾ ست منٽن تي ٻڌل هڪ ڪيميو ڪردار لاءِ جوني ڊيپ کي هڪ منٽ جو معاوضو هڪ ڪروڙ ڊالر ڏنو ويو هو.
ان کانسواءِ ايلس ان ونڊر لينڊ باڪس آفيس تي هڪ بلين ڊالر جي ڪمائي ڪئي ۽ ڪيئين ورهين تائين سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم رهي.