اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نان فائلرز لاءِ بينڪ مان ٽيڪس فري رقم ڪڍرائڻ جي حد وڌائي وئي.
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فنانس بل تي ايف بي آر اختيارين بريفنگ ڏيندي چيو ته نان فائلرز لاءِ بينڪ مان روز 75 هزارن تائين روڪ ڪڍرائڻ تي ايڊوانس ٽيڪس ڇوٽ هوندي، ان کان اڳ 50 هزار رپيا ڪڍرائڻ تي ايڊوانس ٽيڪس ڇوٽ حاصل هئي.
اختيارين موجب نان فائلرز لاءِ 75 هزارن کان وڌيڪ ڪيش ڪڍرائڻ تي 0.6 سيڪڙو کان ٽيڪس وڌايو ويو، جيڪو هاڻ 0.8 سيڪڙو تائين لاڳو ٿيندو.
ايف بي آر اختيارين چيو ته اي ڪامرس ڪاروبار تي 2 سيڪڙو تائين انڪم ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، ڪپڙن جي آن لائن ڪاروبار تي 2 سيڪڙو ۽ اليڪٽرانڪس تي 0.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته ڪپڙن، اليڪٽرانڪس ۽ اليڪٽريڪل کانسواءِ ڪو ٻيو ڪاروبار ڪرڻ تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس هوندو.
You might also like