وزيراعظم جي خاص مددگار جي گهر تي راڪيٽ حملو

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار قومي اسيمبلي ميمبر مبارڪ زيب خان جي گهر تي راڪيٽ حملو ڪيو ويو آهي.
ڊي پي او موجب حملي ۾ جاني نقصان نه ٿيو پر گهر جي مين گيٽ کي جزوي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ اين اي 8 باجوڙ مان آزاد حيثيت ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجندڙ مبارڪ زيب کي وزيراعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.