لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023-25 جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا، دفاعي چيمپيئن آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان شڪست هارائي ستاويهه ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽورنامينٽ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
لارڊز جي تاريخي ميدان تي کيڏيل فائنل جي چوٿين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا 213 رنسن ٻه رانديگر آئوٽ کان اننگز اڳتي وڌائي، پروٽيز کي ڪاميابي لاءِ باقي 69 رنسون گهربل هيون.
اننگز جي شروع ٿيندي ڪپتان ٽمبا باووما رڳو هڪ رنس جي اضافي کانپوءِ 66 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، پر هن ايڊن مارڪرم سان ٽئين وڪيٽ لاءِ 147 رنسن جي اهم ڀائيواري جوڙي جيڪا ميچ جي فتح جو بنياد بڻي.
نوجوان ٽريسٽن اسٽبس به گهڻو وقت وڪيٽ تي جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ رڳو 8 رنسون ٺاهي 241 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، مارڪرم ان کانپوءِ ڊيوڊ بيڊنگهم ۽ مارڪرم سان گڏجي ٽيم هوريان هوريان ٽيم جي سوڀ جي ويجهو پهچايو، ان دوران مارڪرم 136 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جوش هيزل ووڊ جي بال تي ٽريوس هيڊ کي ڪيچ ڏئي پويلين موٽي ويو.
باقي گهربل ڇهه رنسون بيڊنگهم ۽ وريني مڪمل ڪري ڏکڻ آفريڪا کي تاريخي ڪاميابي ڏياري، شاهڪار اننگز تي ايڊن مارڪرم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته هي ڏکڻ آفريڪا جو ٻيو آءِ سي سي ٽائيٽل آهي، ان کان اڳ پروٽيز 1998ع ۾ آءِ سي سي ناڪ آئوٽ ٽورنامينٽ کٽي هئي.