اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڀارتي پائلٽ اڀي نندن جي واپسي کي پاڪستان جو سرينڊر قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجا آصف چيو ته 2019 ۾ اڀي نندن کي واپس ڀارت موڪلڻ پاڪستان جو سرينڊر هو.
هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا ان وقت جي وزيراعظم سان گڏجي سرينڊر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڀي نندن کي 24 ڪلاڪن ۾ واپس موڪلي پاڪ فضائيا جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو، اڀي نندن کي واپس موڪلڻ جي سرينڊر تي ان وقت به شرمنده هئاسين، اڄ به آهيون.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا هٿ فلسطينين ۽ مسلمانن جي رت ۾ رڱيل آهن، اسان اسرائيل سان ڪي لاڳاپا قائم نه ڪيا، پاڪستان پهرئين ڏينهن کان پنهنجي موقف تي قائم آهي، اسان ايران سان گڏ بيٺا آهيون ۽ عالمي فورم تي انهن جي مدد ڪنداسين.
You might also like