رسول بخش پليجي جي 21 جون تي ورسي، مالڪ بلوچ، فاروق طارق کي دعوتون

حيدرآباد (پ. ر) عوامي تحريڪ جي باني ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجي جي ستين ورسي  لاءِ  مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادررانٽو نيشنل پارٽي جي سربراهه مالڪ بلوچ، عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر اختر حسين ايڊووڪيٽ، پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري ۽ حقوق خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق، پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عظيم سعيد ۽ نامياري دانشور، موسيقار ۽ مزدور ڪسان پارٽي جي سيڪريٽري تيمور رحمان سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري کين 21 جون تي جنگشاهي ۾ رسول بخش پليجو جي ستين ورسي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، ڪينالن خلاف ملڪ گير جلسي عام ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائز ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري. ايڊووڪيٽ امر حسيب پنھور خزانچي ڪراچي بار ، ايڊووڪيٽ رياض سبزوئي لائبريرين ڪراچي بار، ايڊووڪيٽ منظور احمد کوسو، ايڊووڪيٽ تارا چند ، ايڊووڪيٽ امير بخش ميتلو ، ايڊووڪيٽ نثار شر ۽ ايڊووڪيٽ فقير محمد تنيو سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري کين ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.