پ پ ايم پي اي نعيم کرل جي گمس تي بي اعتمادي، جيري جي پيوندڪاري لاءِ 7 ڪروڙ منظور

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) سنڌ حڪومت خيرپور جي ايم پي اي ۽  ڪيٽين جي مالڪ زميندار نعيم کرل جي ليور ٽرانسپلانٽ جي علاج لاءِ 7 ڪروڙ روپيا منظور ڪري ورتا ايم پي اي نعيم کرل علاج لاءِ پرڏيهه ويندو . گمس اسپتال جي تڪ گمبٽ جو چونڊيل ايم پي اي نعيم احمد کرل جي بيماري لاء سنڌ حڪومت 7 ڪروڙ روپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي ۽ ايم پي اي نعيم احمد کرل ليور ٽرانسپلانٽ لاءِ پرڏيھ ويندو جڏھن ته اھڙو ليٽر جاري ٿيڻ کان پوءِ سنڌ توڙي خيرپور جي ساڃاھ وند جو چوڻ آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ گمس اسپتال  کي صحت جو حب قرار ڏئي ڇڏيو آهي پر سندن پارٽي جي ايم پي اي ۽ چونڊيل نمائندن کي گمس انتظاميه تي ڪوبه اعتبار ناھي جنھن ڪري ھو پنھنجي علاج لاءِ سنڌ حڪومت کان پئسا منظور ڪرائي پرڏيهھ مان علاج ٿا ڪرائن ھنن چيو ته جتي سنڌ حڪومت ۽ گمس انتظاميه چئي پئي ته انگريز به گمس علاج لاءِ پهچن ٿا پوءِ نعيم کرل کي ٻاهر علاج ڪرائڻ لاءِ ڇو ٿو موڪليو وڃي ان فيصلي ذريعي حڪومت تسليم ڪري ٿي ته هتي گمس اسپتال گمبٽ ۾ صحت جون معياري سهولتون ناهن. ساڃاھ وند ڌرين جو وڌيڪ چوڻ هيو ته وزير اعظم کان وٺي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر تائين هر ڪو علاج ٻاهر ٿو ڪرائي، هتي صحت، تعليم سميت اهم معاملن ۾ ٻٽو معيار آهي.ھوڏانھن ذريعن موجب ايم پي اي نعيم احمد کرل ليور ٽرانسپلانٽ لاءِ پرڏيھ روانو ٿي ويو آھي جتي سندس علاج ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.