ڪراچي/لاڙڪاڻو (پ ر+ن ع آ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ وفاقي بجيٽ کي انگن اکرن جي ڦير گهير ۽ ملڪ کي آءِ ايم ايف جي غلامي جو بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪمران ٽولو ٽيڪس وصولي جي صورت ۾ عوام جو رت نچوڙي پنهنجي عيش عشرت تي خرچ ڪري ٿو. هن چيو ته مراد علي شاهه حڪومت صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. شڪارپور مان هڪ ٻار روهيت ڪمار اوڏ جو وحشياڻي قتل ۽ انس ٿھيم جي اغوا توڙي قتل جي واقعن ۾ اضافو نااهلي جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ھن جماعت اسلامي لاڙڪاڻي جي تحت مقامي شادي هال ۾ منعقد ٿيل عيد ملن تقريب ۾ پنهنجي صدارتي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صدارتي محل ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ وڏي پئماني تي واڌ انهن ماڻهن جي طرفان ڪئي وئي آهي جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن وٽ زهر کائڻ لاءِ پئسا نه آهن، اهو پاڻي، صحت، تعليم جي سهولتن ۽ امن کان محروم ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي. هڪ طرف سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ ۽ ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ قوم سان هڪ سنگين مذاق آهي ورلڊ بينڪ جي مطابق هن ملڪ ۾ 12 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، نائب امير ايڊووڪيٽ محمد عاشق ڌامراهه، غلام حيدر ڪورائي، ضلعي جنرل سيڪريٽري ذيشان عابد، مقامي امير رميز راجا شيخ، ضلعي اڳواڻ قاري ابو زبير جکرو، تاجر اڳواڻن غلام مرتضيٰ شيخ، سعيد احمد شيخ، اسلاميه جي ضلعي صدر نياز احمد شيخ، ڊاڪٽر نياز احمد شيخ، جمشيد قانوندان ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.