خيرپور (ت ر) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ڌاڙيل راڄ قبائلي جهيڙن ڪرپشن ۽ انتظامي ناانصافين خلاف جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سڏ تي جامعه اسلاميه لاڙڪاڻو ۾ هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو جنهن جي صدارتصوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ ميزباني علامه ناصر محمود سومرو ڪئي اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي سماجي ۽ امن امان واري صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو اجلاس دوران واضح ڪيو ويو ته سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينن تي قبضا ميرٽ جو قتل ۽ ملازمتن ۾ ناانصافي عوام کي ڏڪار جي ڪناري آڻي بيهاريو آهي اجلاس کانپوءِ جي يو آءِ سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن جي قيام لاءِ "سنڌ امن مارچ” جي نالي سان تحريڪ هلائي ويندي جيڪا ٽن مرحلن تي مشتمل هوندي پهريون مرحلو: ضلعي سطح تي جي يو آءِ جي اڳواڻن پاران پريس ڪلبن ۾ امن و امان جي خراب صورتحال تي پريس ڪانفرنسون ڪيون وينديون ٻئي مرحلي ۾ ضلعن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون ۽ تعلقا سطح تي احتجاجي جلسا، ريليون ۽ عوامي رابطا مهم هلائي ويندي ٽئين مرحلي ۾ 30 جون تي پريس ڪلب سکر ۾ بدامني ۽ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ قبائلي سردارن جو وڏو جرڳو سڏايو ويندو.17 جولاءِ تي وزيراعليٰ هائوس سنڌ، ڪراچي جو گهيراءُ ڪيو ويندو، جتي جي يو آءِ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان خاص مهمان طور شرڪت ڪندا اجلاس ۾ سيد سراج احمد شاهه امروٽي مولانا عبدالمجيب قريشي مولانا محمد صالح انڍڙ ڊاڪٽر اي جي انصاري حاجي رفيق احمد سومرو مفتي محمد ادريس مولانا عبدالجبار حيدري گل انقلابي مولانا عبدالله مهر سائين عبيدالله هاليجوي مولانا مير محمد ميرڪ مولانا نعمت الله شيخ مولانا خادم حسين سميت ڪيترن ئي علائقائي اڳواڻن شرڪت ڪئي .