اسلام آباد(طلعت حسين)ملڪ ۾ بيروزگاري جا انگ اکر وڌيڪ آهن، گذريل بجيٽ ۾ واعدو ڪيو ويو هو، ايتريون نوڪريون ڏينداسين، ايتريون ڏئي وياسين. پر پاڪستان ۾، اوهان کي رڳو روڊ، ايمبولينسون، ليپ ٽاپ ته نظر ايندا، پر ڪٿي به اهو لکيل نه هوندو ته پوئين بجيٽ ۾ نوڪريون واعدي مطابق مليون يا نه.ٻي ڳالهه ته پاڪستان ۾ دولت جي کوٽ ناهي. رڳو ڳچ اميرن جي گهرن، فارم هائوسن ۽ زميندارين کي مٿان کان ڊرون ذريعي ڏسو ته سمجهه ۾ ايندو ته ملڪ ۾ دولت وهندي پئي اچي، ٻاهر به وڃي پئي.دبئي، لنڊن جهڙن شهرن ۾ پاڪستانين جي ملڪيتن جا انگ ڏسو ته اندازو ٿيندو ته ڪيترا پئسا منتقل ڪيا ويا آهن.حڪومت غريبن جي اي ٽي ايم مان ڪڍيل رقم تي ٽيڪس لڳائي ٿي، چيڪ ڪڍڻ تي به ٽيڪس، پر انهن شعبن يا ماڻهن تي ڪو ٽيڪس نٿو لڳائي، جيڪي اصل ۾ دولت جا جبل آهن. اهي ماڻهو جن جي ڪنن مان پئسا نڪري رهيا آهن، جن کي خبر ئي ناهي ته اهي پئسا ڪٿيرکڻا آهن، انهن تي ٽيڪس ڇو نٿو لڳايو وڃي؟ ٽئين ڳالهه، ڇا حڪومت يا رياست پاڻ پنهنجي خاص رعايتن (privileges) تي به نظرثاني ڪري رهي آهي؟جن ماڻهن وٽ رياستي آفيسون آهن، جيڪي حڪومت جي سبسڊي، گاڏين، سيڪيورٽي، مفت علاج، مفت بجلي مان فائدو وٺن ٿا، اهي ئي اسان کي چون ٿا ته رياست سان وفاداري رکو.ٻئي پاسي، ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهو، انهن کي نه تعليم مفت ملي ٿي، نه علاج، نه بجلي، نه تحفظ. جيڪڏهن حڪومت پاڻ ڪمائيندڙ ادارو هجي، ته ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي. پر رياست جا وڏا ادارا، جج، بيوروڪريسي، اسٽيبليشمنٽ – اهي سڀ سڄي حياتي رياست مان پئسو کڻن ٿا، ۽ پوءِ به رٽائرمينٽ تي لکين جي پينشن وٺن ٿا ، اهو سڀ پئسو عوام ڏئي ٿو. تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان پنهنجي اشرافيه جي رعايتن ۾ ڪٽوتي نه ڪئي، ته هي بجيٽ صرف انگن اکرن جي هيرا ڦيري رهندي.نوجوانن لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ بجيٽ جو مرڪزي نقطو هجڻ گهرجي.ٽيڪس انهن کان وٺو جيڪي واقعي امير آهن، غريبن تي ٽيڪس نه وڌايو.رياستي ادارن جي اشرافيه پنهنجون رعايتون گهٽائي، پاڻ به قرباني ڏي.