آمريڪي ڪانگريس ميمبر جو شڪيل آفريدي جي آزادي جو مطالبو

واشنگٽن (بي بي سي) آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين 6 جون تي ايڪس تي ٽوئيٽس ڪيون جيڪي هن بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ آمريڪا جو دورو ڪندڙ پاڪستان جي سفارتي وفد سان ملاقات بعد ڪيون. هن پوسٽ ۾ لکيو ته هن وفد کي چيو ته هو پنهنجي حڪومت کي ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت بابت پيغام پهچائين، هو رڳو ان لاءِ جيل ڀوڳي رهيو آهي ڇو ته هن اساما بن لادن کي مارڻ ۾ آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جي آزادي نائن اليون حملن جي متاثرن لاءِ به سٺي خبر هوندي. ڀارتي پارليامينٽ ميمبر ششي ٿرور به بريڊ شرمين جي مطالبن جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي پرڏيهي وزارت في الحال ان معاملي تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو. ٻئي پاسي ڊاڪٽر شڪيل جي ڀاءُ، جميل آفريدي موجب سندس ملاقات جيل ۾ ٿيندي آهي، ڀاءُ چيو ته منهنجو ڪيس واپس وٺو ڇو ته مون کي عدالتن مان انصاف جي اميد ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.