ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاق کانپوءِ سنڌ حڪومت به عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي حڪومت جي ماتحت ادارن ۾ جمعو 6 جون کان سومر 9 جون تائين موڪلون هونديون.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 7 جون ڇنڇر تي ملهائي ويندي.