مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) مڪي شريف ۾ زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ دفاعي ميزائل سسٽم لڳايو ويو آهي.
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت طرفان لڳايل دفاعي ميزائل سسٽم جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن ۽ چيو ويو آهي ته فضائي دفاعي فورسز جو مشن خدا جي مهمانن جي حفاظت آهي.
هوڏانهن فوجي هيلي ڪاپٽر سان به مسجد الحرام ۽ ڀرپاسي جي علائقي جي فضائي نگراني جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ايئر فورس طرفان سيڪيورٽي، لاجسٽڪ ۽ امدادي آپريشنز ۾ سهڪار ڪيو پيو وڃي.
You might also like