ميچ فڪسنگ جو الزام ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي لنڪن اسپنر تي فرد جرم لاڳو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپنر سچيٿرا سينانائيڪي تي ميچ فڪسنگ جا الزام ثابت ٿيڻ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب همبنٽوٽا هاءِ ڪورٽ 2020 ۾ لنڪا پريميئر ليگ دوران ساٿي ڪرڪيٽر کي ميچ فڪسنگ لاءِ اڪسائڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي سچيٿرا سينانائيڪي تي فرد جرم لاڳو ڪيو.
اٽارني جنرل پنهنجا دليل پيش ڪندي چيو ته تازو ملڪ ۾ متعارف ڪرايل بدعنواني روڪ قانون تحت ميچ فڪسنگ لاءِ قومي سطح جي ڪرڪيٽر تي لاڳو ٿيل هي پهريون فرد جرم آهي.
سچيٿرا سينانائيڪي 2012 کان 2016 تائين سريلنڪن ٽيم جي نمائندگي ڪندي هڪ ٽيسٽ، 49 ون ڊي ۽ 24 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ مجموعي طور 78 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته 2014 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو به حصو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.