برلن (ويب ڊيسڪ) پرتگال يوئيفا چيمپيئنز ليگ جي سيمي فائنل ۾ جرمني کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
40 ورهين جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جرمني خلاف کيڏندي پنهنجي ڪيريئر جو 137هون انٽرنيشنل گول ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم کي ايونٽ جي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو.
رونالڊو جو گول فيصلائتو ثابت ٿيو ۽ پرتگال 2000 کانپوءِ نيٺ جرمني کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏئي ڇڏي.
پرتگال جرمني کي 1-2 تان شڪست ڏئي يوئيفا نيشنز ليگ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، هاڻ 8 جون تي ٿيندڙ فائنل ۾ پرتگال جو مقابلو فرانس يا اسپين سان ٿيندو.
يوئيفا نيشنز ليگ جو ٻيو سيمي فائنل فرانس ۽ اسپين وچ ۾ جرمني جي شهر سٽٽگارٽ ۾ کيڏيو ويندو.
يوئيفا چيمپيئنز ليگ: جرمني کي 25 سالن بعد هوم گرائونڊ تي شڪست، رونالڊو پرتگال کي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو
You might also like