نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان جي اعليٰ سطحي سفارتي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردن خلاف انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ ڀارتي خفيه ايجنسي ريسرچ اينڊ انالسز ونگ (را) کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول چيو ته جيڪڏهن آءِ ايس آءِ ۽ را گڏجي دهشتگردن خلاف ڪم ڪن ته ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته اسين ڀارت سان امن چاهيون ٿا، پر شرطن تي نه، امن جو قيام صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته مان دنيا کان پڇڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن ڪنهن جي زندگيءَ جي لائف لائن کي ڪٽي ڇڏجي ته ان جو ردعمل ڇا ٿيندو؟ حالتون خراب ٿيڻ کان اڳ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڀارت دهشتگردي تي ته گوڙ ڪري ٿو، پر پاڪستان سان گڏجي ان جي خاتمي لاءِ ڪم نٿو ڪري. بلاول ڀٽو چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان سڀ کان وڌيڪ نقصان ڀوڳيو آهي، اسين ڀارت سان امن چاهيون ٿا، پر ڪنهن به شرط تي نه، ڇو ته امن صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ڪشميرين جي حقن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، درياهن جو پاڻي روڪڻ رڳو دشمني نه، پر سڌي جنگ آهي. هن چيو ته مان دنيا کان پڇڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن ڪنهن جي زندگيءَ جي لائف لائن کي ڪٽي ڇڏيو وڃي ته ان جو ردعمل ڇا ٿيندو؟ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي نقل قرار ڏيندي چيو ته مودي کي ڏسي لڳي ٿو ڄڻ ته نيتن ياهو جي آن لائن سستي ڪاپي هجي.