ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز، آسٽريليا اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ايندڙ مهيني پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان اعلانيل 16 رڪني اسڪواڊ جي قيادت مچل مارش ڪندو.
ان کانسوا ءِ ٽم ڊيوڊ، گلين ميڪسويل، جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زمپا به اسڪواڊ جو حصو آهن، جڏهن ته مارڪوس اسٽوئنس ۽ جيڪ فريزر ميڪگرڪ کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.
پيٽ ڪمنز، ٽريوس هيڊ ۽ مچل اسٽارڪ ٽيسٽ سيريز کانپوءِ وطن واپس ايندا.
ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون 21، 23، 26، 27 ۽ 29 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.