قومي اقتصادي ڪائونسل هڪ هزار ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ منظور ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال لاءِ هڪ هزار ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ منظور ڪري ورتي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 26-2025 لاءِ معاشي هدفن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران قومي ترقياتي منصوبي، پي ايس ڊي پي، ميڪرو اڪنامڪ هدفن جو جائزو ورتو ويو ۽ نئين مالي سال جي معاشي اوسر جي شرح، زراعت، صنعت، سروسز سيڪٽر جي هدفن جي منظوري بابت مشاورت ڪئي وئي.
پلاننگ ڪميشن جي ذريعن مطابق قومي اقتصادي ڪائونسل پاران هڪ هزار ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ 4.2 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ هدف منظور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ بلوچستان لاءِ اين 25 منصوبي جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪندي 120 ارب رپين بدران 100 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو ويو، جڏهن ته برآمدات جو ساليانو هدف 35 ارب ڊالر مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.