احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي ٻين سڀني فارميٽن کان وڌيڪ باوقار قرار ڏيندي چيو آهي ته هن لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي اهميت ”پنج درجا وڌيڪ“ آهي.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025 جي فائنل ۾ رائل چئلينجرز بئنگلورو جي تاريخي ڪاميابي کانپوءِ، ويرات ڪوهلي احمد آباد جي ميدان تي جشن دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ” هي لمحو منهنجي ڪيريئر جي بهترين لمحن منجهان هڪ آهي، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڀيٽ ۾ هي اڃا به پنج درجا گهٽ آهي، مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان جيڪا محبت ۽ عقيدت رکان ٿو، ان جو ڪو مقابلو ناهي.“
ويرات ڪوهلي نوجوان ڪرڪيٽرن کي مشورو ڏيندي چيو ته ” مان سڀني نوجوانن کي چوندس ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ سان وفاداري رهو، جيڪڏهن توهان ٽيسٽ ۾ پرفارم ڪندا، ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو، ماڻهو توهان کي عزت ڏيندا، هٿ ملائيندا ۽ چوندا ته شاباش، توهان راند جي خوبصورتيءَ کي نکاريو آهي.“
هن چيو ته ” جيڪڏهن توهان عالمي سطح تي احترام چاهيو ٿا، ته ٽيسٽ کيڏو، دل سان محنت ڪريو، ليجنڊز کي ڏسو ۽ انهن مان سکڻ جي ڪوشش ڪريو.“
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 9230 رنسون ٺاهيون ۽ 30 سينچريون اسڪور ڪيون، جڏهن ته 68 ٽيسٽ ميچن ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني ڪئي، جن مان ڀارت 40 ميچون کٽيون، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي جو ڪامياب ترين ڪپتان رهيو رهيو آهي.
You might also like