تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آمريڪا طرفان يورينيم افزودگي گهٽ ڪرڻ جي تجويز کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آيت الله علي خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا جي طرفان يورينيم افزودگي ڪرڻ تي پابندي 100 سيڪڙو ايران جي قومي مفادن جي ابتڙ آهي.
ايراني سپريم ليڊر آمريڪي تجويزن کي رد ڪندي چيو ته قومي خودمختياري جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ پنهنجي پاليسين لاءِ آمريڪا جي ”گرين لائيٽ“ جو انتظار ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته يورينيم افزودگي ڪرڻ ايران جي جوهري پروگرام جو هڪ اهم حصو آهي، جنهن تي دشمن جون نظرون کتل آهن ۽ بدتميز، مغرور آمريڪي اڳواڻ ايران کي پنهنجو جوهري پروگرام بند ڪرڻ لاءِ چون ٿا، ايران وٽ يورينيم افزودگي هئڻ گهرجي يا نه؟ ان بابت فيصلو ڪندڙ هو ڪير ٿيندا آهن؟
ياد رهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ امڪاني ڳالهين بابت آمريڪي تجويز اومان(اومان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي) ذريعي ايران تائين پهچائي وئي هئي.