لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان قومي سليڪشن ڪميٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، قومي ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي مان اڳوڻي ڪپتان اظهر علي، اڳوڻي بيٽر اسد شفيق ۽ عليم ڊار کي سندن عهدن تان هٽائڻ جو امڪان آهي.
رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سليڪشن ڪميٽي ۾ اهڙا ماڻهو شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جيڪي رڳو فيصلا منظور ڪرڻ بدران پاڻ مختيار ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان بابت فيصلو ڪيو ويو آهي ته في الحال انهن کي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ موقعو ڏنو ويندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ نئين ٽيم تيار ڪئي ويندي.
پي سي بي جي اعليٰ عملدارن طرفان اشارو ڏنو ويو آهي ته اسد شفيق ۽ اظهر علي سليڪشن ڪميٽيءَ ۾ سرگرم نه رهيا آهن، جڏهن ته عليم ڊار جو عهدو به برقرار رهڻ جو امڪان گهٽجي ويو آهي.
ذريعن موجب، تازو بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران به اسد شفيق ۽ اظهر علي، وائيٽ بال هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن سان 16 رڪني اسڪواڊ جي حتمي چونڊ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.