حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو پارٽي جي علي سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌ جا وسيلا هميشه لٽبا رهيا آھن سنڌين کان درياه کسيو ويو آھي هن چيو ته سنڌ ڀڙڀانگ ٿيڻ وارو فارمولو پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ مڙھيو ويو آھي،ملير جيل ڀڃي قيدن جي فرار ٿيڻ واقعي ۾ گهرو وزير ضياءُ لنجار ۽ جيلن واري وزير علي حسن زرداري کي فوري طور گرفتار ڪيو ۽ هاءَ ڪورٽ جي ججن جي نگراني ۾ انڪوائري ڪرائي وڃي ته اهو واقعو ڪيئن پيش آيو ،سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار هجڻ ڪري ڏوهاري طاقتور آھن هن چيو ته هاڻي ته وري بدنام ڏوهارين کي پلاننگ تحت سرڪاري سرپرستي ۾ جيلن مان فرار ڪرائي سنڌ جو امن امان وڌيڪ خراب ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آھي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي