ڊرامن جي مشهور ليکڪا سائرا رضا لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڊراما نويس سائرا رضا دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
سائرا رضا ”دل موم ڪا ديا، ميري همسفر، انتقام ۽ يحيٰ“ سميت ٻيا ڊراما لکيا ۽ سندس ڊرامن جو شمار ڪامياب ترين ڊرامن ۾ ٿيندو آهي.
سائرا رضا جي حوالي سان گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پوسٽون سامهون آيون هيون ته کيس دل جو دورو پيو آهي ۽ هوءَ اسپتال ۾ داخل آهي.
سائرا رضا جي لاڏاڻي تي شوبز شخصيتن سميت مداحن طرفان افسوس جو اظهار ڪندي سندس مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.