اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي اختيارين چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستانين جون ويزائون گهٽ ڪري ڇڏيون آهن.
سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ذيشان خانزاده جي صدارت هيٺ ٿيو.
سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو ته سعودي عرب پاڪستانين جون ويزائون گهٽائي ڇڏيون آهن، ڇو ته پاڪستاني اتي وڃي پنندا آهن.
ڪميٽي ميمبر چيو ته اها پاڪستان جي بدنامي آهي، اهڙن مسئلن کي ڪيئن روڪيندئو، جنهن تي اختيارين چيو ته آفيسرن کي شوڪاز ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ميمبر چيو ته اهڙن آفيسرن کي شوڪاز نه نوڪري تان هٽايو وڃي.
اختيارين چيو ته ڪجهه ماڻهو عمري جي ادائيگي لاءِ ويندا آهن ۽ ويزا جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس ناهن ايندا.
You might also like