ترڪيه ۾ 5.8 شدت جو زلزلو، ڪيترائي ماڻهو زخمي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۾ 5.8 جي شدت جي زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ترڪيه جي ڏکڻ اولهه علائقي مارمارس ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن خوف هراس پکڙجي ويو.
ترڪيه ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 70 ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب ڪجهه ماڻهن عمارتن تان ٽپو ڏنو، جنهن سبب اهي زخمي ٿيا پر ڪنهن به رهائشي علائقي ۾ عمارتون تباهه ٿيڻ جا ڪي اطلاع ناهن مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.