اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 10 جون اڱاري تي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي.
صدر اهو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 تحت اختيار استعمال ڪندي طلب ڪيو آهي، اهو موجوده قومي اسيمبلي جو 17هون اجلاس هوندو.
واضح رهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ به 10 جون تي پيش ڪئي ويندي.
You might also like