راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ۾ عمران خان نئون عهدو ملي ويو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي تحريڪ انصاف جي احتجاج جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي پيٽرن انچيف بڻايو ويو آهي ۽ احتجاج دوران عمران خان جي نمائندگي عمر ايوب ۽ سلمان اڪرم راجا ڪندا، جڏهن ته علي امين گنڊاپور خيبر پختونخواهه گورننس جي معاملن تي فوڪس ڪندو.
هن چيو ته احتجاج دوران مون کي چيئرمين طور ڊپلوميٽڪ رابطن جي ذميواري ڏني وئي آهي، مان ئي پارٽي جو چيئرمين آهيان ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ پارٽي جا ڪيس کڻي هلندس.
You might also like