نيوزيلينڊ بورڊ جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، پهريون ڀيرو پاڪستاني ڄائو ڪرڪيٽر به شامل

ويلنگٽن (اسپورٽس ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ( نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ) سينٽرل ڪانٽريڪٽس حاصل ڪندڙ رانديگرن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني ڄائي محمد عباس به شامل آهي.
محمد عباس هلندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان خلاف سيريز دوران نيوزيلينڊ لاءِ ڊيبيو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي کيس باضابطا طور تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.
ان کانسواءِ مچ هي، زيڪ فولڪس ۽ آدي اشوڪ کي به پهريون ڀيرو ڪانٽريڪٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تجربيڪار اسپنر اش سوڌي، اعجاز پٽيل ۽ جوش ڪلارڪسن هن دفعي سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، ڪين وليمسن، ڊيون ڪانوي، فن ايلن، ٽِم سيفرٽ ۽ لوڪي فرگوسن سان سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت ڳالهيون اڃا تائين جاري آهن ۽ تمام جلد حتمي اعلان ڪيو ويندو.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ هن ڀيري مجموعي طور تي 20 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽس ڏنا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.