ملير جيل مان ڀڄي ويل قيدين کي واپسي تي سزا ۾ رعايت ڏني ويندي: ضياءَ الحسن لنجار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي تي سنڌ حڪومت طرفان سخت قدم کنيا ويا آهن ۽ آءِ جي جيل، جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊي آءِ جي جيل کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ملير جيل مان فرار ٿيل 129 قيدين جي ڳولا جاري آهي، انهن کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي آهي، جيڪڏهن رضاڪاراڻي طور تي واپس آيا ته سزا ۾ رعايت ڏني ويندي.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سڀني قيدين جي ڊيٽا موجود آهي، اڄ نه ته سڀاڻي هڙئي قيدي گرفتار ڪيا ويندا.
هن ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊشنل آءِ جي ڪراچي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته قيدين جي فرار وارو معاملو اڳواٽ منصوبابندي تي ٻڌل نه هو، انڪوائري کانپوءِ اصل حقيقت سامهون ايندي.
ضياءَ الحسن لنجار واضح ڪيو ته ملير جيل واري واقعي جو انتظاميا جي ڪوتاهي ۽ افراتفري هو.
هن چيو ته آءِ جي جيل، جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊي آءِ جي جيل کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران واقعي تي سخت قدم کنيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيل کاتي واري وزير جي ملڪ کان ٻاهر آهي، اسان جو پاڻ ۾ ڪو تڪرار ناهي، سڀئي ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.