ملير جيل مان 213 قيدي فرار ٿيا، 78 کي ٻيهر پڪڙيو ويو، ٻين جي ڳولا جاري آهي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ملير جيل مان فرار ٿيندڙ 213 قيدين مان 78 کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ملير جيل ۾ مجموعي طور 6 هزار قيدي آهن.
هن چيو ته گذريل ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ کانپوءِ ٻن سرڪل جي قيدين کي ٻاهر ڪڍيو ويو ، جنهن کانپوءِ انهن قيدين جيل جي مُک گيٽ ڏانهن ڊوڙڻ شروع ڪيو. ٻنهي سرڪل ۾ منشيات جي ڪيسن وارا قيدي موجود هئا.
غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته جيل جي مرڪزي دروازي جي اندر جيل پوليس ۽ ٻاهران ايف سي اهلڪار مقرر هوندا آهن، قيدين جي هجوم کي ڏسي جيل پوليس ۽ ايف سي طرفان هوائي فائرنگ ڪئي وئي.
آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته 213 قيدين مان 78 کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ٻين قيدين جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيل جي اندر ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس جي واڌو نفري جيل جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ۾ رڌل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.