ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپرنٽنڊنٽ ملير جيل قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي.
سپرنٽنڊنٽ جيل جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هزارين قيدي زلزلي جي ڊپ سبب ڀڃ ڊاهه ڪندا نڪري آيا ۽ رات جو اٽڪل ڏيڍ وڳي قيدين مُک دروازو ٽوڙي ڇڏيو، ان دوران 216 قيدي فرار ٿيا جن مان 78 کي پڪڙيو ويو آهي جڏهن ته 138 قيدين جي ڳولا جاري آهي.
رپورٽ موجب، قيدين جيل اسپتال، انٽرويو بوٿ، اي ڪورٽ ۽ مختلف شعبن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فائرنگ جي واقعن ۾ 12 قيدي ۽ مختلف اسٽاف ميمبر زخمي ٿيا، جڏهن ته فائرنگ دوران طاهر خان نالي قيدي مارجي ويو.
ان ڏس ۾ ملير جيل سپرنٽنڊنٽ ارشد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات زلزلي سبب قيدين ۾ بيچيني هئي، قيدي ڊنل هئا ته متان ڇت ڪِري پوي، رات جو 11 وڳي کان پوءِ زلزلي جو شديد لوڏو آيو، بيرڪ ۾ موجود قيدي خوف ۽ هراس جو شڪار ٿي ويا، افراتفري واري ماحول ۾ 150 ماڻهن دروازي تي زور لائي تالو ٽوڙي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته هو جڏهن رات جو اتي پهتو ته قيدين مٿس حملو ڪري ڏنو، قيدي هجوم جي صورت ۾ ڀڳا ته واچ ٽاور تان فائرنگ ڪئي وئي، ايف سي جي جوانن فائرنگ ڪئي ته ڪيترائي قيدي واپس آيا، ڪجهه قيدي ڪالوني طرف ڀڳا، ان طرف به فائرنگ ڪئي وئي، ڀڃ ڊاهه ڪندڙ قيدين جو انگ ساڍا ٽي هزار کان چار هزار هو.
هن چيو ته هي ڪا به غفلت نه هئي پر قيدين کي ڊپ هو، ڪنهن به اهلڪار جي ڪا غفلت نه هئي، مان اتي موجود هئس، ان واقعي ۾ هڪ قيدي مارجي ويو ۽ 2 ايف سي جا جوان زخمي ٿيا، اسان جي اسٽاف جا ماڻهو به زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪو به شهري زخمي ناهي ٿيو.
ٻئي پاسي آءِ جي جيل قاضي نظير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ زلزلو آيو هو جنهن سبب بيرڪ جي ڀتين کي نقصان رسيو، ان دوران ملير جيل ۾ قيدين حملو ڪيو ته دروازي جي ڪُنڊي ٽٽي پئي، قيدين جيل کان ٻاهر اچي ٻيا تالا به ٽوڙي ڇڏيو، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي.
آءِ جي جيل وڌيڪ چيو ته قيدين جا ايڊريس موجود آهن، سندن وارثن کي گهرجي ته کين واپس موڪلين، جيڪڏهن قيدي رضاڪاراڻي طور واپس نه آيا ته سخت ايڪشن ورتو ويندو، اهڙي قسم جي صورتحال ماضيءَ ۾ ڪڏهن به ناهي ڏٺي، اميد آهي ته اڄ رات تائين اڌ کان وڌيڪ قيدي پڪڙي وٺنداسين.
You might also like