اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مئي جي مهيني دوران مهانگائي جي شرح ناڻي واري وزارت جي اندازي کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا سالياني بنيادن تي 3.46 سيڪڙو رهي.
ناڻي واري وزارت مئي لاءِ مهانگائي جو اندازو 1.5 سيڪڙو کان 2 سيڪڙو جي وچ ۾ لڳايو هو پر اها شرح انهن ڪاٿن کان وڌيڪ رهي.
ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق اپريل 2025 ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 0.28 سيڪڙو هئي.
اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي ۾ مهانگائي وڌڻ جي سالياني شرح 3.46 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جولاءِ 2024 کان مئي 2025 تائين مهانگائي جي سراسري شرح 4.61 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ مطابق اپريل جي ڀيٽ ۾ مئي ۾ شهرن اندر مهانگائي ۾ ماهوار بنياد تي 0.07 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ ساڳئي عرصي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.53 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.
مئي ۾ شهرن اندر مهانگائي جي شرح 3.51 سيڪڙو رهي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ اها شرح 3.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ياد رهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين يارنهن مهينن (جولاءِ کان مئي) دوران ملڪ ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 4.61 سيڪڙو رهي.
You might also like