عيد تي تلائن ۽ درياهن ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ضلعي انتظاميا عيد تي درياهن ۽ تلائن ۾ وهنجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
سرڪاري پڌرائيءَ موجب قلم 144 تحت پابندي 2 جون کان 7 ڏينهن تائين لاڳو هوندي.
پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هوائي فائرنگ، ون ويلنگ ۽ هٿيارن وارن رانديڪن جي وڪري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب جانورن جي باقيات نالن ۾ اڇلائڻ تي به پابندي هنئي وئي آهي، عيد جي ڏينهن ۾ ندي، تلائن ۽ ڊيمن ۾ وهنجڻ ۽ ٻيڙي هلائڻ تي به پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.