سماج ۾ سِکڻ جو لاڙو گهٽ آهي، جيڪو پوکيندئو اُهو ئي لڻندئو: سجاد علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري راڳي سجاد علي چيو آهي ته هو جيڪو گيت ڳائيندو آهي اِهو سِکندو نه آهي ۽ جيڪي سکندو آهي اُهي صحيح نموني ڳائي ناهي سگهندو.
ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ تقريب دوران خيالن جو اظهار ڪندي سجاد علي چيو ته گلوڪار پيدا ٿيندا آهن، اِها هڪ فطري صلاحيت آهي، گائيڪي ۾ جيڪا ان پٽ ڏني ويندي، اهڙي ئي آئوٽ پٽ حاصل ٿيندي آهي.
هن چيو ته اڄڪلهه جي ٻارن ۾ پيشن جو نالو موڊ آهي هو رڳو موڊ تي نه ڀاڙين پر هڪ حڪمت عملي اختيار ڪن، ڇو ته موڊ وقتي هوندو آهي جڏهن ته حڪمت عملي دير تائين نتيجا ڏيندي آهي.
سجاد پنهنجي ڪاميابيءَ جي راز کي ڊسپلين قرار ڏيندي چيو ته هن ڪيئي باصلاحيت ماڻهو ڏٺا، پر ڪامياب اُهي ئي ٿيا جن ڊسپلين اپنايو، اسان ٽيلينٽ بدران ڊسپلين کي اهميت ڏينداسين.
موسيقي جي شاگردن جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته هو روز پنهنجي گهر رڪارڊنگ ڪندو آهي ۽ پاڻ ٻڌندو آهي، رڪارڊنگ ذريعي اندازو ٿيندو آهي ته ڪٿي غلطي ٿي رهي آهي، سرگرم جي هر سُر جي پنهنجي معنيٰ هوندي آهي، راڳيءَ کي ” ڇو“، ” ڪٿي“ ۽ ” ڪيئن“ جهڙن سوالن جا جواب ڳولڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو گلوڪار نه هجي ها ته استاد هجي ها، بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ سکڻ جو لاڙو گهٽ آهي، ماڻهو پهريان نتيجا چاهيندا آهن، سکڻ کي پوءِ اهميت ڏيندا آهن.
سجاعلي جديد دور جي موسيقي جي اثرن تي پڻ ڳالهايو ۽ چيو ته اسان جي ٻڌڻ جي سگهه کان وڌيڪ ميوزڪ ڏني پئي وڃي، اِها ٽيڪنيڪ ڪڏهن جنگي قيدين تي استعمال ٿيندي هئي، جيڪا اڄ اسان جي گهرن ۾ عام ٿي ويئي آهي، پهريان راڳ جو مخصوص وقت هوندو هو، هاڻي ميوزڪ بنا ڏينهن اڻپورو محسوس ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.