آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ جو شيڊيول پڌرو، پاڪستان جو ڀارت ۾ کيڏڻ کان انڪار

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان ڀارت جي ميزباني هيٺ وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2025ع جو شيڊيول ۽ وينيوز جو اعلان ڪري ڇڏيو،
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، ميگا ايونٽ 30 سيپٽمبر کان 2 نومبر تائين ڀارت ۽ سري لنڪا جي پنجن شهرن ۾ کيڏيو ويندو، ڀارت ٻارنهن ورهين کانپوءِ ٻيهر وومينز ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪري رهيو آهي.
آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان، ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون حصو وٺنديون.
ورلڊ ڪپ جا مقابلا بئنگلورو جي ا ايم چناسوامي اسٽيڊيم، گوهاٽي جو اي سي اي اسٽيڊيم، اندور جو هولڪر اسٽيڊيم، وِشاڪا پٽنم جي اي سي اي- وي ڊي سي اي اسٽيڊيم ۽ ڪولمبو جو آر پريما داسا اسٽيڊيم تي کيڏيا ويندا.
افتتاحي ميچ 30 سيپٽمبر تي بئنگلورو ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ ميزبان ڀارتي ٽيم شامل هوندي، جڏهن ته مخالف ٽيم جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
ٽورنامينٽ جو پهريون سيمي فائنل 29 آڪٽوبر تي گوهاٽي يا ڪولمبو مان ڪنهن هڪ شهر ۾، ٻيو سيمي فائنل 30 آڪٽوبر تي بئنگلورو ۾ ۽ فائنل 2 نومبر تي بنگلورو يا ڪولمبو مان ڪنهن هڪ ميدان کيڏيو ويندو.
واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستاني وومينز ٽيم ڀارت ۾ ميچ نه کيڏندي ۽ ان معاملي بابت آءِ سي سي سان معاهدو طئي ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ميزبان آهي، فيصلي جو اختيار ان وٽ آهي، پر پاڪستان ڀارت کانسواءِ ڪنهن به نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي.
ياد رهي ته ڀارت به چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڀارت جون ميچون دبئي ۾ نيوٽرل وينيو تي ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو ۽ ان وقت به طئي ڪيو ويو هو ته پاڪستان پڻ ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽورنامينٽس نيوٽرل هنڌ تي کيڏندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.