لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت ڇڪتڻ سبب ڀارت لاڳيتو پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ پهرين اڳڀرائي اِها ٿي آهي ته 3 جون کان سريلنڪا ۾ شروع ٿيندڙ وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ خاموشيءَ سان ملتوي ڪئي وئي آهي.
ان ڏس ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل باظابطا ڪو به اعلان نه ڪيو آهي پر ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي غير دلچسپي سبب ٽورنامينٽ نه ٿي سگهندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ اعليٰ عملدار گذريل هفتي دبئيءَ ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اختيارين سان ملاقات ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل لاءِ هاڻ سڀ کان وڏو چئلينج سپٽيمبر ۾ ايشيا ڪپ ڪرائڻ آهي جنهن جو ميزبان ڀارت آهي جڏهن ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمي شپ محسن نقوي وٽ آهي.
واضح رهي ته هن دفعي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان اڇا تائين ڪا به پڌرائي جاري ناهي ڪئي وئي ۽ اي سِي سِي عملدارن ان موضوعو تي تبصري کان لنوائي رهيا آهن.
پاڪستان کي نقصان رسائڻ لاءِ ڀارت هلڪڙائپ تي لهي آيو، وومينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ ملتوي
Prev Post
You might also like