آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر رابرٽ اينڊرسن لاڏاڻو ڪري ويو، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، رابرٽ اينڊرسن 76 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، هن 1976ع ۾ پاڪستان خلاف لاهور ٽيسٽ سان پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جتي هن پنهنجي پهرين ٽيسٽ ۾ شاندار 92 رنسن جي اننگز کيڏي.
رابرٽ اينڊرسن پنهنجي ڪيريئر دوران 9 ٽيسٽ ۽ 2 ون ڊي ميچنن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪئي.