عمران خان جلد جيل مان آزاد ٿي ويندو:تنوير احمد خان

اسلام آباد(منصور علي خان) آمريڪا ۾ 37 ورھين کان مقيم ۽ تازوئي عمران خان جي حوالي سان  آيل وفد جي اھم ميمبر تنوير احمد خان چيو آھي تھ ماڻهو عمران خان کي استعمال ڪن ٿا، اهي ملڪ ۽ عمران خان جا سڄڻ ناھن.منھنجو نمل يونيورسٽي ۽ شوڪت خانم جي حوالي سان واسطو رھيوآھي،هن چيو ته  گذريل ڀيري عمران خان سان جيل ۾ ملاقاتون ٿيون ھيون.عليمھ خان ڪورٽ مان ليٽر آڻي ڏنو ھيو ملاقات جي اجازت واسطي.اھا پوئين سال جي ڳالھھ آھي 2024 جي.منھنجون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ عمران خان جي اجازت سان ٿيون. عمران خان جي ٽنھي ڀينرن سان بھتر ناتا آھن اسان سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي تھ شيون ٺيڪ ٿين.هن چيو ته عمران خان جي کاڌي ۾ زھر واريون ڳالھيون ٽائيگرز ۽ ٻاھر ويٺل يوٽيوبرز جون پکيڙيل آھن انھن ۾ ڪا حقيقت ناھي.جيڪي احتجاج جو ڏس ڏين ٿا رياست مخالف آھن. عمران اڪيلائي ۾ آھي کيس ٻاھر جي دنيا جي سڌ ناھي ڪير بھ وڃي ڪا بھ ڳالھھ فيڊ ڪري ٿو تھ ان تي يقين ڪري وٺي ٿو اھو مسئلو آھي.تازوئي ڏسو عمران ٽوئيٽ ڪري ٿو تھ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھيون ڪندس، علي امين گنداپور چوي ٿو احتجاجي تحريڪ ھلندي ۽ عليمھ خان چوي ٿي تھ ڏي وٺ ڪريو تھ ٽي الڳ الڳ بيان اچي ٿا وڃن اھوئي مسئلو آھي،هن چيو ته  پاڪ ڀارت جنگ بعد اي پي سي سڏائي وئي ھئي بدقسمتي سان پي ٽي آئي جي ان ۾ شرڪت نھ ھئي جيڪا ھجڻ گھرجي ھاهن چيو ته مان حلفيه چوان ٿو تھ ھن وقت ڪو ڊاڪٽرن جو وفد ناھي آيو.جيڪو اھي ڳالھيون ڪري ٿو سو اسٽبلشمنٽ ۽ پي ٽي آئي وچ م ڇڪتاڻ وڌائڻ گھر ي ٿوپنج ڇهھ يا 8 يوٽيوبرز آھن جن انھن نوجوانن جو برين واش ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته  موجودھ حڪومت لاءِ  سڀ انڊيڪيٽرز ھاڪاري آھن.منھنجي پي ٽي آئي کي صلاح آھي تھ سڀ گڏجي پنھنجو ھڪ ترجمان چونڊين جيڪو بيان جاري ڪري.اسٽيبلشمنٽ يا سرڪار جا ٻيا مسئلا آھن انھن جو رڳو اھو مسئلو ھڪ پارٽي ناھي تھ ويھي ان سان ڳالھيون ڪندا رھن. هن چيو ته عمران خان جلد جيل مان آزاد ٿيندو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 02 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.