عاصم منير سان جهيڙي جو سبب بشريٰ بي بي جي ڪرپشن هئي

لاهور(امداد سومرو) عمران خان قبوليو آھي تھ بشريٰ بي بي جي ڪري ھن جو جنرل عاصم منير سان تڪرار ٿيو.جڏهن ته عمرانخان جي حڪومت دوران ميڊيا ۾ خبر هلي هئي ته  وزيراعظم هائوس ۾ ھيرن جا ھار ۽ ٻيا قيمتي تحفا  ورتا پيا وڃن.ان بعد اھا عورت ان آفيسر سان ملي ۽ کيس چيو تھ مان تھ توھان کي پنھنجو ڀاءَ سمجھندي ھيس.بعد ۾ ان آفيسر کي ھٽايو ويو ھيو اھو ان وقت جو ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم منير ھيو.بعد ۾ جڏھن ھڪ پيج نھ رھيو تحريڪ عدم اعتماد آئي تھ پوءِ اھي خبرون سڀ صحافي کڻي آيا. سو عمران خان ھاڻي تسليم ڪيو آھي تھ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير سان جھيڙي جو سبب بشريٰ بي بي جي ڪرپشن ھئي.مئي 2023 ۾ عمران خان ٽوئٽ ۾ اھا ڳالھھ قبولڻ کان انڪار ڪري چڪو ھيو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 02 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.