دنيا ۾ اجتماعي (قومي، طبقاتي، جمھوري) حقن جي حاصلات لاءِ ماڻھن تشدد ۽ عدم تشدد، ٻنھي طريقن سان ويڙهه وڙھي آھي. ٻنھي پاسي جدوجھد جي اڳواڻي ڪندڙن ۾ انساني تاريخ جا وڏا وڏا نالا اچن ٿا. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ طرف موھن داس ڪرم چند گانڌي، جواھر لال نھرو، ابوالڪلام آزاد ۽ ولڀ ڀائي پٽيل جا نالا نظر اچن ٿا ته ٻئي پاسي سڀاش چندر بوس، ڀڳت سنگهه، جنرل بخت ۽ جهانسيءَ جي راڻيءَ جھڙا ڪِردار آڏو اچن ٿا. ٻاھر دنيا جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته عدم تشدد جي وڪيلن ۾ يسوع مسيح، ليو ٽالسٽاءِ ۽ مارٽن لوٿر ڪنگ جھڙا مھان ماڻھو موجود ھجن ٿا جڏھن ته تشدد ذريعي انقلاب آڻيندڙن جي قطار ۾ مائوزي تنگ، ھوچي منهه، گياپ، ڪاسترو، چي گويرا، احمد بن بيلا جھڙيون قداور شخصيتون نمايان نظر اچن ٿيون.
سنڌ ۾ ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ تشدد پاسي نمايان نالو پير پاڳاري صبغت اللھ شاهه راشديءَ جو آھي جڏھن ته روپلو ڪولھي، ھيمون ڪالاڻي ۽ ڪجهه ٻيا به ڳڻي سگهجن ٿا. پر امن جدوجھد جي پاسي الله بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي بيٺل نظر اچن ٿا. فڪري طور به تشدد ۽ عدم تشدد بابت گفتگو ۽ بحث مباحثي جي ڊگهي تاريخ آھي. ان ڏس ۾ سنڌ ۾ سڀ کان وڏو نالو يقيني طور سائين جي ايم سيد جو آھي جنھن عدم تشدد کي باقاعدي ھڪڙي موضوع ۽ مضمون طور کنيو ۽ تحرير ۽ تقرير ذريعي ان جي مختلف پاسن تي تفصيلي روشني وڌي.
تازو سنڌ ۾ پاڻيءَ ۽ زمين جي معاملي تي ھلندڙ تحريڪ دوران ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي ۽ ان سان لاڳاپيل ۽ ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورت حال تشدد ۽ عدم تشدد جي بحث کي نئين سر اڀاريو آھي. اھا ٻي ڳالھه آھي ته بحث جي ميدان (سوشل ميڊيا) ۾ بحث مباحثو گهٽ ۽ فتويٰ بازي ۽ محب وطن ۽ غدار جا سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جو سلسلو وڌيڪ آھي جيڪو عمل بحث جا رستا بند ڪندڙ آھي.
ڪنھن به محڪوم قوم يا مظلوم طبقي جا ماڻھو پنھنجي نجات لاءِ ڪھڙو رستو اختيار ٿا ڪن، اھو انھن جو حق ۽ انھن جي صوابديد آھي ۽ نجات جي جدوجھد لاءِ ھٿيار جي چونڊ ڪرڻ انھن جي مرضي ۽ منشا تي ڇڏيل آھي. پر اھو ضرور ڏسڻو پوندو ته اسان جي جدوجھد لاءِ ڪھڙو ھٿيار يا رستو موزون ۽ ڪارائتو آھي. ۽ ان جو دارو مدار ’زمان ۽ مڪان‘ تي ھوندو. اسان جنھن خطي ۾ جدوجھد ڪريون ٿا ان جي تاريخ ۽ جاگرافي ۽ اتان جي سماجي ۽ ڪلچرل صورت حال تي گھري نظر ھجڻ کپي. ان سان گڏ جنھن دور ۾ اسان جدوجھد ڪريون ٿا ان جي مقامي، علائقائي ۽ عالمي حالتن جو ادراڪ ھجڻ به لازمي آھي.
انھن سڀني ڳالھين کان پھرين تشدد ۽ عدم تشدد جي وصف ۽ ان جي فڪري پاسن کي سمجهڻ ضروري آھي. عام معنيٰ ۾ تشدد جو مطلب ’قتل جو بدلو قتل‘ ھوندو آھي جڏھن ته سياسي فڪر ۾ پر تشدد جدوجھد جو مفھوم اھو ھوندو آھي ته ’تشدد جي زور تي قائم رياست کي تشدد ذريعي ختم ڪري نئين رياست وجود ۾ آڻجي.‘ عدم تشد جي سياسي تشريح اھا آھي ته ’جيئن ته تشدد رياست جو مخصوص ۽ لامحدود ھٿيار آھي تنھن ڪري ان سان مقابلي لاءِ اسان جو ھٿيار عدم تشدد يعني پر امن جدوجھد ھوندي يا ھجڻ کپي.‘ عام معنيٰ ۾ عدم تشدد جي پيغمبرن جو چوڻ ھوندو آھي ’قتل جي بدلي ۾ قتل ڪرڻ به گناھ آھي.‘
ھاڻي ان پس منظر ۾ اسان ڏسون ۽ فيصلو ڪريون ته سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ جدوجھد جو ڪھڙو رستو مناسب ۽ درست آھي. دنيا جي ٻين قومن وانگر سنڌي قوم جي ھر فرد کي حق آھي ته اُھو ڪھڙي رستي کي صحيح ٿو سمجهي. پر پوءِ ان تي عمل به ان کي پاڻ ئي ڪرڻو آھي. ھو ڪنھن ٻئي کي مجبور نه ٿو ڪري سگهي ته سندس چونڊيل رستي تي ھلي. ھڪ ئي وقت ھڪ ئي قوم ۽ ملڪ ۾ مختلف ماڻھو مختلف رستا اختيار ڪري سگهن ٿا. جيئن ھندستان جي تحريڪ آزاديءَ دوران ھئو يا ھن وقت ڪشمير ۾ ٿي رھيو آھي.
سنڌ ۾ ڪجهه ماڻھو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي واڻي تشدد ۽ عدم تشدد جي غلط ۽ منجهائيندڙ تشريح ڪن ٿا. مثال طور چيو وڃي ٿو ته ”جڏھن رياست تشدد ڪري ته پوءِ جواب پر امن ڪيئن ٿو ٿي سگهي“. يا اھو ته ”تشدد ۾ اڳرائي رياست طرفان ٿي“. حقيقت ۾ عدم تشدد آھي ئي اھو ته توھان جي خلاف تشدد استعمال ٿئي پوءِ به توھان عدم تشدد تي ڪار بند رھو. جيڪڏھن توھان ائين نه ٿا ڪري سگهو يا نه ٿا ڪرڻ چاھيو ته تشدد جو رستو اختيار ڪري ٿا سگهو پر پوءِ ان جي نتيجي جي ذميواري به قبول ڪرڻ گهرجي. ھتي ٿئي ايئن ٿو ته ڪجهه ماڻھو تشدد جي وڪالت ڪن ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ عمل جي به دعويٰ ڪن ٿا پر ان جي نتيجن لاءِ ذميوار وري عدم تشدد جي حامين کي قرار ٿا ڏين يا اُنھنِ نتيجن کي منھن ڏيڻ لاءِ عدم تشدد وارن جي مدد ۽ حمايت ٿا گهُرنِ (جيڪا رضاڪاراڻي ٿي سگهي ٿي) ۽ حمايت نه ڪرڻ جي صورت ۾ بزدلي ۽ غداريءَ جھڙين فتوائن جو طوفان کڙو ڪن ٿا.
اھو ھڪ الڳ ۽ اڻ کٽ بحث آھي ته وڌيڪ بھادر تشدد وارو آھي يا عدم تشدد وارو. انڊيا جي آزاديءَ لاءِ گانڌي، نھرو، آزاد، پٽيل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس پر امن جدوجھد ڪري رھي ھئي ته ساڳئي وقت ڀڳت سنگهه ۽ سڀاش چندر بوس پر تشدد جنگ وڙھي رھيا ھئا پر ٻنھي جا رستا ڌار ۽ طريقا مختلف ھئا. نيتا جي (سڀاش چندر بوس) جيستائين ڪانگريس ۾ ھئو ته ان جي عدم تشدد جي پاليسيءَ جو پوئلڳ رھيو. جڏھن ھن محسوس ڪيو ته آزاديءَ لاءِ عدم تشدد ڪافي ناھي ته ڪانگريس کي الوداع ڪري انڊين نيشنل آرميءَ جو بنياد وڌائين. ان ڏينھن کان سندن رستا، طريقا، پاليسيون ۽ حڪمت عمليون بلڪل ڌار ٿي ويون. ايستائين ته عدم تشدد جي پيروڪار انڊين نيشنل ڪانگريس ٻي عالمي جنگ دوران (مشروط طور) انگريزن جي پاسي ھئي جڏھن ته تشدد جي حامي انڊين نيشنل آرمي نازي جرمني ۽ جپان جي مدد سان آزاديءَ جي جنگ وڙھي رھي ھئي. سڀاش چندر بوس پنھنجي ويڙھ جي مسئلن لاءِ ڪڏھن موھن داس گانڌيءَ کي ميار ڪانه ڏني، نه ئي ڪا عدم تشدد وارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪئي.
حقيقت اھا آھي ته تشدد جو رستو اختيار ڪندڙ انقلابي به تشدد کان نفرت ڪندا ھئا /آھن پر سندن راءِ ۽ حڪمت عملي اھا ھئي ته رياستي تشدد جو مقابلو صرف جوابي تشدد سان ئي ڪري ٿو سگهجي. ان جي ڀيٽ ۾ عدم تشدد جي پيروڪار انقلابين جو خيال ھوندو آھي ته رياستي تشدد جو مقابلو بھتر طريقي سان عدم تشدد جي جواب ذريعي ٿي سگهي ٿو. مون کي افسوس گاڏُڙ حيرت ٿيندي آھي ته ھڪڙو سياسي اڳواڻ جيڪو گانڌي ۽ آزاد جو پڪو پوئلڳ چوائيندو ھو اھو به ھڪ مرحلي تي چوڻ لڳو ته ”اسان آھيون عدم تشدد جا پيروڪار پر تيستائين جيستائين رياست تشدد نه ڪري.“ اھي لفظ گانڌيءَ جي قبر تي بم گولا ٿي ڪرندا ھوندا.
ھن بحث جي حوالي سان ھڪڙو ٻيو اھم سوال اھو به آھي ته ’عدم تشدد عقيدو يا حڪمت عملي؟‘ ھڪڙن وٽ عدم تشدد عقيدو ھوندو آھي تنھن ڪري ھر صورت ۾ پر امن رھڻو آھي. ڪنھن به صورت ۾ تشدد جو جواب تشدد سان ناھي ڏيڻو. جيئن حضرت عيسيٰ جي حوالي سان چيو ويندو آھي ته ”جيڪڏھن ڪير ھڪ ڳل تي چماٽ ھڻي ته ٻيو آڏو ڪريوس“. ٻين وٽ تشدد/عدم تشدد حڪمت عمليءَ جو سوال ھوندو آھي جيڪا حالتن آھر تبديل ٿي سگهندي آھي. ان جو ويجهو مثال ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جو آھي جنھن آزاديءَ جي جدوجھد شروع ته انقلابي يا جوابي تشدد سان ڪئي پر اڳتي ھلي حالتن جي تبديليءَ سان حڪمت عملي تبديل ڪندي عدم تشدد جو رستو اختيار ڪيو. عقيدي ۽ حڪمت عمليءَ جو اھم مثال انڊيا جي تحريڪ آزادي آھي. مھاتما گانڌيءَ لاءِ عدم تشدد عقيدو ھو جڏھن ته ڪانگريس لاءِ حڪمت عملي.
حڪمت عمليءَ جي حوالي سان حالتن ۾ وڏي تبديلي سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي خاتمي سان آئي. سرد جنگ دوران لاطيني امريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ھٿياربند انقلابي تحريڪون ھلندڙ ھيون. سوويت يونين کان پوءِ جي صورت حال ۾ ھڪ ھڪ ڪندي اھي عدم تشدد تي ٻڌل سياسي سياسي تحريڪن ۾ تبديل ٿينديون ويون. آخري ھٿياربند تحريڪ ڪولمبيا جي ھئي جنھن جو وقت جي حڪومت سان ٺاھ وينيزوئيلا جي انقلابي ليڊر ھيوگو شاويز ڪرايو جيڪو پاڻ ڪنھن وقت تشدد ذريعي تبديليءَ جو حامي رھيو ھئو.
سنڌ جي قومي تحريڪ جيتوڻيڪ فڪري ۽ سياسي طور سوويت يونين کان متاثر رھي آھي پر حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان سائين جي ايم سيد جي سرپرستيءَ ۾ اھا مڪمل طور عدم تشدد تي ٻڌل رھي آھي. البته ڪجهه ھمراھن (انھن مان ھڪڙن سيد جي مخالفت جو جهنڊو کڻندي ۽ ٻين وري سائينءَ جو ئي نالو استعمال ڪندي) عدم تشدد کي ’بزدليءَ جي علامت‘ قرار ڏيندي ھٿياربند ويڙھ جا اعلان ڪيا (جنھن قومي تحريڪ ۾ گروهه بنديءَ جا بنياد وڌا) پر انھن ڪڏھن به رياست جي خلاف انقلابي تشدد تي عمل ڪونه ڪيو. واضح ھجڻ کپي ته نسلي جهيڙا يا مخالفن جي خلاف ھٿيار استعمال ڪرڻ ۽ انقلابي تشدد بلڪل ٻه مختلف شيون آھن.
تازو ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي سان وڌيڪ واضح ٿيو ته مجموعي طور سنڌ جي قومي تحريڪ عدم تشدد جو ھڪ مثال آھي. البته ويجهي ماضيءَ ۾ ڪجهه پر تشدد واقعا به ٿيندا رھيا آھن جن کي سنڌي سماج مان ڪن ماڻھن جي حمايت به حاصل آھي (جنھن جو انھن کي پورو حق ۽ اختيار آھي) پر جيئن چيو ويو ته تشدد ۽ عدم تشدد ٻه بلڪل مختلف رستا آھن جن جا طور طريقا ۽ حڪمت عمليون به نه رڳو جدا پر بلڪل مختلف ھونديون آھن. اھا ته عالمگير حقيقت آھي ته ھر ڪم ۽ ھر عمل جي قيمت ڏيڻي پوندي آھي. جيڪڏھن تشدد ۽ عدم تشدد جي اختلاف ۽ فرق کي نظر انداز ڪيو ويندو ته قيمت ته ٻنھي جي ادا ڪرڻي پوندي پر نتيجو يا فائدو شايد ھڪ جو به حاصل نه ٿئي.