ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي:ساڃاهه وند

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي سياسي، سماجي شخصيتن، قومپرستن ۽ صحافين سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جدوجھد کي تيز ڪرڻ جي گھر ڪندي چيو آھي ته پنجاب  سنڌو درياءِ تي غير قانوني ڪينال ۽ ڊيم اڏي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي رھيو آھي،ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي جون سازشون ٿي رھيون آھن، جنھن جي ڪري سڀني سنڌ واسين کي گڏيل پليٽ فارم تي جدوجھد ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻو پوندو. اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ جي سياسي، سماجي شخصيت، مزاحمتي ڪردار، پريس ڪلب ٺٽي جي اڳوڻي صدر شهيد يار محمد جلالاڻي جي 16ھين ورسي تقريب ۾ مقررين خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي ناليواري مُحقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد علي مانجهي خطاب ڪندي چيو ته يار محمد جلالاڻي جھڙن ڪردارن جي کوٽ آھي، پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف سنڌي عوام جي پرامن جدوجھد جاري آھي جنھن کي اڃان وڌيڪ سگھاري ڪرڻ جي ضرورت آھي. تقريب کي اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو چيو ته شھيد يار محمد جلالاڻي ڏکين حالتن ۾ صحافت ڪئي، هو ڪڏھن به ڪنھن طاقتور اڳيان نه جھڪيو. سنڌ جي ڪجھ ضلعن ۾ ھٿ وٺي حالتون خراب ڪيون ويون آھن، ماڻھو گھرن کان ٻاھر نٿا نڪري سگھن، سياسي ماڻھو به ٻڙڪ ٻاھر ڪڍڻ لاءِ تيار ناھن، سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو چيو ته سنڌ ۾ ھر دور ۾ مزاحمتي صحافت رھي آھي شھيد يار محمد جلالاڻي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا،تقريب کي پريس ڪلب ٺٽي جي صدر اقبال جاکرو، اديب ۽ ليکڪ الھجڙيو بُرفت، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو، ايس ٽي پي ضلعي صدر جلال شاھ، شھري اڳواڻ جاويد غني ميمڻ، شهيد جي فرزند منصور جلالاڻي، سينيئر صحافين ڊاڪٽر شاھد صديقي، محبوب بروھي، اسماعيل ميمڻ، رشيد جاکرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھِن وقت سنڌو درياءِ تي نوان ڪينال اڏڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن، جڏھن ته تقريب ۾ سينيئر صحافين رمضان ميمڻ، حافظ مشتاق ميمڻ، عبدالوھاب شيخ،عبدالحميد پالاري، گھارو پريس ڪلب جي صدر مختيار لاشاري،عبدالمجيد چانڊيو،سنڌ ڪلچرل فورم جي مرڪزي وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو سميت مختلف سياسي،سماجي،علمي ادبي ۽ صحافتي شخصيتن شرڪت ڪري شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏھن نوجوان راڳي عبدالله چانڊيو پاران قومي گيت پيش ڪري شھيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.