مورو(عوامي آواز نيوز)شهيد مرتضيٰ ڀٽو جو پٽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو، ڳوٺ لغاري بجراڻي پهتو، جتي هن شهيد عرفان لغاري زاهد لغاري جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي.هن وارثن کي يقين ڏياريو ته کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو سندن هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته شهيدن پنهنجي دريا کي بچائڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏنو آهي انهن جي خونن جو هي قوم بدلو ضرور وٺندي اسان سنڌو مٿان ڪينال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ،هن چيو ته مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي،پوليس مورو ۽ ڳوٺ لغاري بجاراڻي جي ماڻهن سان دهشت گردي ڪئي آهي،هن چيو ته اسان جي شهرين تي ڪرفيو لڳايو ٿا،ڇا سنڌ پاڪستان جو حصو ناهي؟ هن چيو ته درياهه کي بچائڻ جي معاملي تي گلگت کان ڪراچي تائين سڀ هڪ آهيون،ڪنهن جو لاش کسي لاوارث دفنائڻ ڪٿان جو قانون آهي؟ دوري دوران ڀٽو جونيئر شهيدن جي قبرن تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني به ڪئي