بلوچستان گرينڊ جرڳو: وزيراعظم ”رٺل بلوچن“ کي ” پرچائڻ “ لاءِ تجويزون گهري ورتيون

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچ اڳواڻن کي صوبي جي مسئلن جي نشاندهي سميت ڪاوڙيل بلوچن جي واپسيءَ لاءِ تجويزون گهري ورتيون.
بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ قومي گرينڊ جرڳو جاري آهي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فِيلڊ مارشل عاصم منير ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
جرڳي جي شروعات قومي تراني سان ٿي جنهن کانپوءِ بلوچستان جي وڏي وزير سردار سرفراز بگٽي شرڪت ڪندڙن جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته قومي جرڳي جو تسلسل مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهي.
وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ بلوچ اڳواڻن کي مسئلن جي نشاندهي ۽ حڪومت سان ڳالهين جي دعوت ڏني آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کيس جرڳي ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن تي هو ٿورائتو آهي.
سندس چوڻ هو ته کي حق جي معرڪي جي فتح مبارڪ هجي، دشمن هيسجي ويا آهن ۽ دوستن جا حوصلا بلند آهن.
وزيراعظم چيو ته اسان جي فوجن ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني جيڪا هو سڄي عمر نه وساريندو، اسان 1971ع جو بدلو ورتو، جڏهن ملڪ ايٽمي طاقت بڻيو ته دنيا ڏٺو اسان ڇهه ايٽمي ڌماڪا ڪري دشمن جا هوش اُڏائي ڇڏيا.
وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن بلوچستان کي ڪا شڪايت آهي ته ان جو حل ڀائيچاري جي بنياد تي ڳولڻ گهرجي.
هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي برداشت نٿا ڪري سگهن، کين ناڪام بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.
وزيراعظم بلوچ اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”اهي ڪهڙيون خاميونآهن، جيڪي اوهان جي صلاحن سان ختم ڪري سگهجن ٿيون.“
زيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي صحيح ان صورت ۾ ممڪن ٿي جڏهن پنجاب پنهنجي حصي مان فنڊ ڪٽي بلوچستان جي گهرج پوري ڪئي، اِهو ڪو احسان نھ پر قومي ذميواري آهي، اهڙي طرح پيٽرول جون قيمتون گهٽيون ته اسان اِها رقم بلوچستان جي روڊن جي اڏاوت لاءِ رکي ته جيئن عوام کي سهولت ملي، ان سان گڏ هتان جي آبادگارن لاءِ سولر سسٽم جي فراهمي ۽ بجلي جا بل ادا ڪرڻ جا بندوبست به ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم قومي گرينڊ جرڳي ۾ موجود بلوچ نمائندن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جون جيڪي به شڪايتون آهن، اهي اسان جي اکين تي، پر دهشتگردن کي درندگيءَ کانسواءِ ڪجهه نه ٿو اچي، جيڪي ماڻهو رستو ڀلجي ويا آهن، تن کي واپس آڻڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت ۾ بلوچستان سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.