گرمي جو اثر گھٽائڻ جو واحد حل ماحول جي بحالي آھي

دنيا ۾ ماحوليات ھڪ سنگين موضوع آھي پر سنڌ حڪومت ان کان مڪمل طور لاتعلق نظر اچي رھي آھي.سڄي سنڌ ۾ شديد گرمي رواجي زندگيءَ کي معطل ڪري ڇڏيو آھي.بجلي مهيا ڪندڙ ڪمپنين ھھڙي لڱ ساڙيندڙ گرمين ۾ بھ بجلي بند ڪري ويتر عوام جي لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري عوام گرمي جھڙي قدرتي آفت ۾ بي يارومددگار نظر اچي رھيو آھي.گرمي کي منھن ڏيڻ لاءِ تڪڙي ۽ ڊگھي مدي واري حل ڏانھن سرڪاري سطح تي ڪا ذڪر جوڳي ڪوشش ٿيندي نظر نھ اچي رھي آھي.

ان وچ ۾ سموري سنڌ ۾ گرمي جي اثر کي گھٽ ڪندڙ ٻيلن، ساوڪ ۽ وڻن ٽڻن جي واڍي جو عمل جئين جو تئين جاري آھي.جنھن کي روڪڻ لاءِ ڪي بھ قدم نھ کنيا پيا وڃن. خدا نھ ڪري بھ اھڙي گرمي سبب سامونڊي ھوا مڪمل طور بند ٿيڻ جي صورت ۾ ڪو بھ وڏو واقعو ٿي سگھي ٿو.شھرن خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ گرمي دوران بجلي بند ھجڻ جي دانھن ڪنھن نھ ڪنھن سطح تي ٻڌي وڃي ٿي پر باقي سنڌ جي شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ بجلي جو نظام عوام کي ڪا بھ سھولت مھيا ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.

ڪراچي ۾ شديد گرمي  باوجود بجلي بندش کان تنگ شهري روڊن تي نڪري آيا، گوليمار، لسٻيلي روڊ، ڪورنگي، نيو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ به شهرين احتجاج ڪيو.مظاهرين موجب بنا اطلاع ۽ شيڊيول جي بجلي بند ڪرڻ ڪي اليڪٽرڪ جو معمول بڻيل آهي، 2 ڪلاڪ بجلي اچي ٿي ۽ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي.ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جو  وقت علائقي ۾ ٿيندڙ بجلي چوري ۽ نقصان جي شرح تي ٻڌل آهي.

لياري مان پ پ جي چونڊيل ايم اين اي نبيل گبول ڪي اليڪٽرڪ جي ظلمن خلاف پاڻ ساڙڻ اعلان ڪيو  آھي.نبيل گبول موجب بجلي وارن جو رڳو لياري واسين سان اھو طلم نھ آھي.پر پوري سنڌ جي اھا ڪھاڻي آھي ۽ حڪمران جماعت جي ھڪ قومي اسمبلي جي ميمبر پاران اھڙي انوکي ڌمڪي مان ظاھر آھي تھ عوام کي سورسز فراھم ڪندڙ ادارا ڪيترا نھ ڏکيا آھن.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ ڊگھي بجلي لوڊ شيڊنگ وارين شڪايتن تي نوٽيس وٺي ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي خط لکيو آهي.جنھن موجب لوڊ شيڊنگ جون انفرادي شڪايتون اڍائي کان 3 ڪلاڪن جي بندش جون به رپورٽ ٿيون ٿيون، نيپرا موجب، سخت گرمي جي لهر ۾ ڊگھي لوڊ شيڊنگ شهرين لاءِ مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ لوڊ شيڊنگ ڪاروباري سرگرمين ۽ معيشت تي به ناڪاري اثر وجهي رهي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪي اليڪٽرڪ متعلق درخواستن  جي ٻڌڻي ٿي  .عدالت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  ڪي اليڪٽرڪ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

اھا بھ حقيقت آھي تھ عوام کي سروسز مھيا ڪندڙ ادارن عوام خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ماڻھن کان في يونٽ ڳري رقم وصول ڪرڻ باوجود ھن اداري وٽ ڪو اھڙو نظام نھ آھي جنھن سان ان جي ڪارڪردگيءَ کي بھتر ڪري سھولت مھيا ڪئي وڃي.جيتوڻيڪ عدالت ھڪ ڪيس ۾ رپورٽ طلب ڪئي آھي پر اھو بھ سچ آھي تھ ھي ادارو گھڻو بااثر آھي.جيڪو ھر معاملي کي اينگھائڻ ۽ منھن ڏيڻ جو عادي ٿي ويو آھي.ڪراچي ۾ ان ڪري بھ گرمي وڌي آھي جو ملير سميت ڪراچي ٻھراڙي ۾ ٻيلا ٻنيون ۽ گرين بيلٽ مڪمل ختم ٿي ويا آھن، جڏھن تھ سامونڊي ڪنارن سان موجود تمر جي ٻيلن جي سائز گھٽ ٿي وئي آھي.جنھن ڪري تازي ھوا شھر کي نھ ملي رھي آھي.شھر ۾ گاڏين جي دونھن ۽ غيرقانوني طور بي ھنگم تعميرات بھ ماحول کي  وڏي پيماني تي نقصان رسايو آھي.

لاڙ سنڌ ۾ ٻيلن جي تباھي جي ڪري بھ گرمي جو اثر وڌي رھيو آھي. ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ضلعن ۾ وڏي پيماني تي ٻيلن جي واڍي ٿي ٿي آھي.ڪاٺ مافيا پاران غير قانوني طور تي واڍي، ٻيلي جي زمين کي زرعي زمين ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ٻيلي جي بحالي جي عمل ۾ ناڪامي اھي سبب آھن جنھن ڪري  گرمي جي شدت ۾ اضافو ٿيو آھي، لاڙ ۾ ٻيلن جي واڍي سموري ماحولياتي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آھي.مسلسل ٻيلن جي واڍي قدرتي ماحولياتي نظام کي وڏو ڇيھو رسايو آھي.هر سال قدرتي ۽ انساني سرگرمين سببن ٻيلن جا وسيع  علائقا بنجر ٿي رھيا آھن يا وري زرخيز آھن تھ انھن تان وڻ وڍي ڪري اھي بااثر قبضي ھيٺ آڻي رھيا آھن.

ٻيلن جي زمين تي آبادي جو ھڪ پاسو اھو بھ آھي تھ قبضو رکندڙ زميندار انھن زمينن کي ننڍا بند ڏئي ڪري پنھنجي زمين جدا ڪندا آھن، اھي بند پاڻي جي وھڪري ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿو.جنھن ڪري اتي وڻ ٽڻ فٽي نھ سگھندا آھن.پاڻي لھڻ بعد وري ان زمين تي قبضا ٿي ويندا آھن.ٻيلي جي زمين کي زراعت، چراگاهن يا رهائشي علائقن ۾ تبديل ڪرڻ سان ٻيلي جي ايراضي تيزي سان سسي رھي آھي.

جيتوڻيڪ حڪومت وٽ ٻيلي جي زمين بابت ڪا بھ چٽي پاليسي نھ آھي، ان ھوندي بھ بااثر ڌرين جو انھن زمينن تي نھ رڳو قبضو آھي پر ٻيلي مان غيرقانوني طور وڏي پيماني تي ڪاٺ وڍيو پيو وڃي.نتيجي ۾ ھن وقت 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻيلا ناس ٿي ويا آھن.

حڪومت سماج جي ھر حصي کي متحرڪ ڪري وڻن جي پوکي جي عمل کي ھمٿائي سگھي ٿي. واھن جي ڪنارن، روڊن جي پاسن تي وڻ پوکي سگھجن ٿا.پر ڌيان نھ ھئڻ سبب ان تي عمل نٿو ٿئي.

ڊگھي مدي جي پروگرامن ۾ ٻيلن بابت ٺوس پاليسي جوڙڻ جي گھرج آھي. اتي جي زمين ڪنھن کي بھ نھ ڏيڻ ۽ قبضي ھيٺ زمين کي خالي ڪرائڻ ۽ ٻيلن جي سخت مانيٽرنگ جي ضرورت آھي. ھن وقت جيڪڏھن سرڪار بجلي مھيا ڪندڙ ادارن کي ئي لوڊشيڊنگ نھ ڪرڻ جو پابند ڪري تھ بھ ماڻھون سک جو ساھ  کڻي سگھن ٿا.

جيڪڏھن ان دوران سمنڊ جي ھوا مڪمل طور تي بند ٿي وئي تھ ڪيترائي ڪمزور ماڻھون ھن گرمي جي سٽ نھ سھندي خدا نھ ڪري پر ماڻھون موت جي منھن ۾ وڃي سگھن ٿا.گرمي کي گھٽائڻ جو واحد حل انسان دوست ۽ قدرتي ماحول جي بحالي ئي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.