سمنڊ تي وڃڻ ۽ سمنڊ ڪناري ويهڻ يا وقت گذارڻ دماغي صحت جي لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿيندو آهي. مختلف سائنسي تحقيقن ۽ نفسيات جي ماهرن اهڙي ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي.
سمنڊ ڪناري تي ويهڻ جا فائدا هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
ذهني دٻاءَ ۾ گهٽتائي
سمنڊ جي ڇولين جو آواز، سمنڊ تي ايندڙ هوا ۽ فطري ماحول دماغي دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ان حوالي سان بليو اسپيس ٿيوري موجب پاڻي واري ڪناري تي وقت گذارڻ سان دماغ کي سڪون ملندو آهي.
موڊ بهتر ٿيڻ
سمنڊ ڪناري تي گهمڻ سان سيروٽونن ۽ اينڊورفنز جهڙي دماغي ڪيميڪلز جي نيڪالي وڌي ويندي آهي جنهن سان موڊ خوشگوار ٿئي ٿو.
ڌيان ۾ واڌ
قدرتي منظر جهڙوڪ سمنڊ ڏي ڏسڻ دماغي ٿڪاوٽ کي گهٽائيندو آهي. اٽينشن رسٽوريشن ٿيوري موجب قدرتي منظر ذهني توانائي بحال ڪرڻ جو ڪم ڪندا آهن.
تخليقي سوچ جي بحالي
فطري منظر دماغ کي تخليقي سوچ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪندا آهن.
ننڊ ۾ بهتري
سمنڊ تي هوا وارو ۽ پرسڪون ماحول ننڊ جي معيار کي بهتر بڻائيندو آهي.
ياد داشت ۾ بهتري
ذهني سڪون سان گڏوگڏ جسماني سرگرمي به سمنڊ تي گهمڻ سان ملندي آهي جيڪا دماغي صحت لاءِ ٻيڻو فائدو آهي.