رت عطيو ڪرڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون.
پر ڇا رت عطيو ڪرڻ صحت کي فائدو پهچائي ٿو؟ ان حوالي سان ماهرن جي راءِ ڄاڻينداسين.
ماهر رت عطيو ڪرڻ جا ڪجهه حيران ڪندڙ فائدا ٻڌائين ٿا.
هڪ نئين تحقيق موجب رت جو عطيو رڳو ٻين جي حياتي نٿو بچائي پر اهو عمل رت عطيو ڪندڙن جي صحت لاءِ به فائديمند هوندو آهي.
لنڊن جي ”فرينسس ڪرڪ انسٽيٽيوٽ“ جي هڪ دلچسپ تحقيق رت ڏيڻ جي عادت ۽ رت جي ڪينسر جي خطرن وچ ۾ هڪ غير امڪاني تعلق کي اجاڳر ڪيو آهي.
جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي آهي، اسان جا رت ٺاهڻ وارا سٽيم سيلز قدرتي طور تي ميوٽيشنز گڏ ڪندا آهن، ان عمل کي ڪلونل هيماٽوپوئسس چيو ويندو آهي.
ان مان ڪجهه ميوٽيشنز ليوڪيميا ۽ ٻين رت جي بيمارين جي خطري کي وڌائي سگهن ٿا.
محققن 60 جي ڏهاڪي ۾ رت جو عطيو ڪندڙ ٻن گروپن جي ڀيٽ ڪئي، انهن مان هڪ گروپ 40 سالن تائين هر سال 3 ڀيرا رت ڏني، جڏهن ته ٻئي گروپ 5 ڀيرا رت ڏني هئي، ان تحقيق جا نتيجا دلچسپ هئا.
ٻنهي گروپن ۾ جينياتي ميوٽيشنز جو رنگ تقريبن برابر هو پر هر هر رت ڏيندڙ گروپ ۾ اهڙي ميوٽيشنز جي شرح وڌيڪ هئي، جيڪي عام طور تي ڪينسر سان سلهاڙيل ناهن هوندا.
سائنسدانن جو مڃڻ آهي ته باقاعدي رت عطيو ڪرڻ سان رت جي نين خيلن جي پيداوار جي حوصلا افزائي ٿيندي آهي، جيڪو جينياتي نظام کي هڪ فائديمند طريقي سان تبديل ڪري سگهي ٿو.
ان پهلو تي توڙي جو وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي پر نتيجا هڪ امڪاني حفاظتي اثر ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
رت عطيو ڪرڻ جي سڀ کان بهتر فائدن مان هڪ دل جي صحت تي امڪاني اثر آهي.
رت جي گهاٽائپ دل جي بيمارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، رت گهاٽي هجڻ سان اها رڳن ۾ ڄمڻ جا امڪان هوندا آهن، جيڪو اڌ رنگ، دل جي دوري ۽ دل جي ٻين مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، رت عطيو ڪرڻ سان ان جي گهاٽائپ گهٽ ڪري سگهجي ٿي.
آئرن آڪسيجن جي منتقلي لاءِ ضروري آهي پر ان جي زيادتي آڪسيڊيٽيو دٻاءَ ۽ سوڄ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪي ٻئي دل جي بيمارين سان جڙيل آهن.
رت ڏيڻ سان توهان قدرتي طور تي واڌو آئرن کي گهٽ ڪندا آهيو، جنهن سان دل جي بيمارين جا خطرا گهٽجي سگهن ٿا.
ڪجهه تحقيقن ۾ اهو به تجويز ڪيو ويو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر جي مريض کي رت ڏيڻ سان رت جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
تنهن ڪري رت ڏيڻ جو عمل نه رڳو ٻين جي مدد ڪري ٿو پر ان سان پنهنجي صحت کي به فائدو ٿي سگهي ٿو.
You might also like