ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون ست سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 48 هزار 6 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 589 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 98 هزار 868 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون ست ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 3302 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like