لورالائي (ويب ڊيسڪ) سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي لورالائي ۽ ڪِيچ ضلعن ڪارروائين دوران ڀارتي ايجنٽ دهشتگرد تنظيم فتنه الهندوستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل ۾ چيو ويو آهي ته 28 مئي تي بلوچستان جي ٻن علائقن ۾ آپريشن ڪري ڀارتي ايجنٽ دهشتگرد تنظيم سان واسطو رکندڙ 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي لورالائي ضلعي ۾ آپريشن ڪيو ويو، جتي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع مليو هو، ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 4 دهشتگرد ماريا ويا، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گوليون ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد 26 آگسٽ 2024ع ۽ 18 فيبروري 2025 تي اين-70 شاهراهه ويجهو راراشم ۾ معصوم شهرين تي ٿيل حملن ۾ ملوث هئا، جن ۾ 30 بيگناهه ماڻهو شهيد ٿيا هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا، ۽ سڪيورٽي فورسز سندن پويان لڳل هيون.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻي ڪارروائي ڪِيچ ضلعي ۾ ڪئي وئي، جتي هڪ وڌيڪ دهشتگرد ماريو ويو.