ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سپر اسٽار ماهرا خان بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان ڪيل فلم ۽ بالي ووڊ ۾ڪم جي تجربي بابت سوال نظرانداز ڪري ڇڏيو.
ماهرا خان اڄڪلهه همايون سعيد سان گڏ پنهنجي نئين فلم ” لو گرو“ جي مشهوري مهم ۾ رڌل آهي جڏهن ته ويجهڙ ۾ اداڪارا همايون سعيد سان گڏ دبئي ۾ ڪوٺايل مداحن سان ملاقات واري سيشنز ۾ شرڪت ڪئي.
پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي ماهرا خان کان شاهه خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ ” لو گرو“ سميت پاڪستاني فلمن جي ڪوالٽي پروڊڪشن بابت سوال ڪيو.
صحافي جي سوال تي ماهرا خان چيو ته ” اِها ته پراڻي ڳالهه آهي، توهان کي هاڻي مون کان ” دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ بابت سوال ڪرڻ گهرجي.
ماهرا خان چيو ته ” مولا جٽ جهڙي پروڊڪشن جو معيار سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي ڪونه ملندو، اِها فلم ڪنهن به عالمي فلم جيان شاندار پروڊڪشن تحت تيار ٿي، مان سمجهان ٿي ته اسان ڏينهون ڏينهن بهتري ڏانهن وڌي رهيا آهيون، مان ڪنهن سان پنهنجي ڀيٽ ضروري نه ٿي سمجهان“
You might also like