ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ مورو واقعي سنڌو تي ٺهندڙ 6 تڪراري ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ جي زمينن متان والار خلاف سياسي سماجي ڌرين سوشل ورڪرن ۽ نوجوانن بدرالدين پنهور، مير شوڪت مري، سهيل ٻرڙو، اصغر سولنگي، اصغر شاهاڻي، ڪامريڊ نثار لغاري، شهري ايڪشن ڪاميٽي ڀان جو سرواڻ امداد سولنگي جي اڳواڻي ۾ سرڪاري اسپتال کان دعا چوڪ تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي دوران مورو ۾ شهيد ٿيل قومي ڪارڪنن زاهد ۽ عرفان لغاري جي خون سان انصاف ڪيو ۽ سنڌ واسين سان ظلم بند ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، اڳواڻن چيو ته مورو ۾ پوليس گردي ذريعي پرامن قومي ڪارڪنن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، انساني حقن واريون تنظيمون نوٽيس وٺن.